ڊاڪٽر اسلم آزاد

ڊاڪٽر اسلم آزاد

اسلم آزاد ڊاڪٽر

اسلم آزاد، ڊاڪٽر: ناميارو سماجي، سياسي ورڪر،ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر اسلم آزاد 30 آگسٽ 1965ع تي جاتيءَ ۾ عاشق علي خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو. جاتيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري، سجاول جي ڪاليج مان انٽر ڪيائين، جنهن کان پوءِ ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽيءَ) مان حاصل ڪري، اتي ئي هائوس جاب ڪرڻ لڳو. ادبي دنيا ۾ هن 1981ع کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان آغاز ڪيو. سنگت ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. کيس ادب کان سواءِ حالات حاضره سان گھڻي دلچسپي رهي ۽ صحافت ۾ به اڳڀرو رهيو. ڪيترين ئي شخصيتن کان انٽرويو ورتائين، ڪالم لکيائين. هن ڄامشوري مان پندرهن روزه اخبار ”آواز“ به جاري ڪئي هئي، جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر هو. ڊاڪٽري پڙهڻ دوران هو عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ ايس ايس ٽيءَ جو ايل ايم سي ۾ صدر ۽ پوءِ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کان علاوه خان فائونڊيشن'>آغا خان فائونڊيشن، چانڊوڪي سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن، سنڌي ادبي فورم، عوامي ڊاڪٽرز فورم ۽ ٻين سماجي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو. هو 1988ع کان 1991ع تائين روزاني جنگ، جاڳو ۽ تحريڪ رسالي جو نمائندو پڻ رهيو، کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. 1991ع ۾ هائوس جاب دوران هڪ فلاحي اداري جي مدد سان ڪنهن ڳوٺ ۾ طبي ڪئمپ لڳائڻ جي سلسلي ۾ ساٿين سان گڏ ويو، واپسيءَ ۾ تڙ خواجا کان سجاول ڏانهن ايندي ٽرئفڪ حادثي ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي، جنهن جو علاج هن ملڪ جي وڏين اسپتالن مان ڪرايو پر پوريءَ طرح ٺيڪ ٿي نه سگهيو ۽ اڄ تائين وڏي همت سان ان تڪليف کي منهن ڏيندو پيو اچي.مطالعي جو ذوق رکندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد سجاول ۾ رهائش پذير هو ۽ هن وقت ڪراچيءَ جي گارڊن ايسٽ واري علائقي ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتان جي سماجي، ادبي توڙي سياسي پروگرامن ۾ پاڻ کي وِيل چيئر تي به کڻائي شرڪت ڪندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.08.30  عيسوي

اسلم آزاد ڊاڪٽر: ناميارو سماجي ، سياسي ورڪر ، ليکڪ ۽ ڊاڪٽر اسلم آزاد 30 آگسٽ 1965ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي جي چانڊيو
آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني
آسڪو پارپولا
جتوئي آصف مصطفيٰ
اسدالله کهڙوي
حافظ محمد نونداڻي
جميلا نرگس
شيام داس جوشي
عبدالمجيد جمالي
احمد شاهه بخاري بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون